چلتن سرهه

چلتن سرهه

چلتن سرهه

چلتن سرهه: وڏي جسامت وارو هرڻ جو نسل جيڪو افغانستان، پاڪستان جي بلوچستان ۽ کير ٿر جبل ۾ ملي ٿو. هن وقت ”هزاري گنج سنيتا ’پارڪ‘ ۾ موجود آهي. باقي ناپيد نسل تصور ڪيو وڃي ٿو. هي جانور ٻڪريءَ کان وڏو ۽ ڳئون کان ننڍو ٿئي ٿو. هن جي جسم تي عام طور وار هرڻ کان وڏا ٿين ٿا جڏهن ته ڳچي تي وارن جو وڏو ڇڳو پکڙيل اٿس، اهو ڇڳو ڪنڌ جي مٿئين حصي کان ڄاڙيءَ جي هيٺين حصي تائين پورو ڪنڌ، ويندي اڳيان پير به وارن سان ڍڪيل ٿين ٿا. چلتن سرهه کي مارخور به سڏيو ويندو آهي. اصل ۾فارسي لفظ آهي مار معنيٰ نانگ ۽ خور معنيٰ کائيندڙ، يعني نانگ کي مارينندڙ جانور. ڇا ڪاڻ ته هي جبلن ۾ رهي ٿو ان لاءِ هن جو اڪثر مقابلو نانگن سان ٿيندو آهي. پشتو، فارسي، پنجابي، اردو ۽ ڪشميري ٻولين ۾ هن کي مارخور چوندا آهن. جڏهن ته براهوي ۾ هن جي نر کي ماٽ ۽ مادي کي هرات چون. هن جي ماديءَ جا سڱ ۽ قد نر کان ننڍو ٿئي. اونهاري جي شروعات ۾ هن جانور جا وار ڇڻي پوندا آهن. سياري جي شروع ۾ هي جانور لڳ ڪندا آهن. هن جي مادي 160 ڏينهن حمل سان رهندي آهي، هي جانور 26 کان 45 انچن جي ڊيگهه ڪلهن تائين ٿئي ٿو جڏهن ته 52 کان 73س. م سندس ڪلهي جي ڊيگهه ٿئي ٿي. سندس وزن 32 کان 110 ڪلو گرام ڏٺو ويو آهي. وزن ۾ هي سائبريائي سرهه جيترو هوندو آهي. هن جو رنگ ناسي ڪارو ٿئي ٿو. هي جانور جلبن جي چوٽيءَ تي 600 کان 3600 ميٽرن جي اوچائي تي رهي ٿو. سندس گذر سفر جابلو ميون، ٻوٽن ۽ گاهه تي هوندو آهي. هي سڄو ڏينهن خوراڪ جي تلاش ڪندو آهي. رات جو سفر ڪو نه ڪري.


لفظ چلتن سرههھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو